ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير پي چدم برم پهلگام حملي بابت پاڪستان کي ڪلين چِٽ ڏيئي ڇڏي

ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير پي چدم برم پهلگام حملي بابت پاڪستان کي ڪلين چِٽ ڏيئي ڇڏي، ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پي چدم برم چيو ته پهلگام حملي ۾ پاڪستان جَي ملوث هجڻ جو ڪو به ثبوت ناهي، مودي حڪومت اهو ڪيئن سمجهي ورتو ته حملو ڪندڙ پاڪستان کان آيا؟ حملو ڪندڙ مقامي عسڪريت پسند به ٿي سگهن ٿا، مودي حڪومت اهو ڇو نٿي ٻُڌائي ته نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي هِن وقت تائين هن واقعي بابت ڪهڙي جاچ ڪئي آهي؟

Related posts

Leave the first comment