وفاقي ادارن ۾ ماهرن جي مقرري ترجيح، ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪا به سوديبازي قبول نه ٿيندي

وفاقي ادارن ۾ ماهرن جي مقرري ترجيح، ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪا به سوديبازي قبول نه ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي وزارتن ۽ کاتن ۾ ماهرن جي مقرري ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ حڪمت عملي بابت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس، کيس بريفنگ ڏني وئي ته هيل تائين 15 آسامين تي مقرريون مڪمل ٿي چڪيون آهن، وڌيڪ 47 آسامين تي ماهرن جي ڀرتي جو عمل جاري آهي، وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته ادارتي سڌارا مک ترجيحن ۾ شامل آهن، معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن، ادارن جي رائيٽ سائيزنگ ۽ ماهرن جي ميرٽ تي مقرري کي يقيني بڻائڻ حڪومت جو مقصد آهي

Related posts

Leave the first comment