31جولاءِ کان وياج جي شرح 10 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد جي صدارت هيٺ مالياتي پاليسي ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس اربع تي ٿيندو، پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ جو پاليسي ريٽ 100 بيسز پوائنٽ کان 150 پوائنٽس تائين گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ بينڪ ريٽ ساڍا 10 کان 10 سيڪڙو ڪري سگهي ٿي


