ڀارت ۽ چين ۾ نوڪريون ڏيڻ بدران آمريڪا ۾ روزگار پيدا ڪريو

– ڀارت ۽ چين ۾ نوڪريون ڏيڻ بدران آمريڪا ۾ روزگار پيدا ڪريو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گوگل، مائيڪرو سافٽ ۽ ٻين ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي وارننگ، سندس چوڻ آهي ته آمريڪي ڪمپنيون چيني ۾ فئڪٽريون لڳائينديون رهيون، ڀارت ۾ نوڪريون ڏينديون رهيون ۽ آئرلينڊ ۾ منافعو لڪائينديون رهيون، آمريڪي شهرين کي نظرانداز ڪيو ويو، هاڻ اُهي ڏينهن ويا، هٿرادو ذهانت جي ڊوڙ ۾ سوڀ لاءِ حب الوطني جي ضرورت آهي، ٽيڪ ڪمپنيون آمريڪا کي مٿانهون رکن ۽ آمريڪي عوام کي نوڪريون ڏين

Related posts

Leave the first comment