ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ مضبوط ۽ اثرائتا فيصلا ڪرڻا پوندا، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار آهي، رانديون ملڪن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ اهم ذريعو آهن، ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ هڪ ٽيم ٿي ڪم ڪرڻو آهي، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي جو ڍاڪا ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي تقريب کي خطاب، چوي ٿو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل هڪ خاندان جيان آهي، هوائي حادثي تي همدرديون بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن


