اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مون سون برساتن جو چوٿون اسپيل چوٿين ڏينهن به وقفي وقفي سان جاري

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مون سون برساتن جو چوٿون اسپيل چوٿين ڏينهن به وقفي وقفي سان جاري، اسلام آباد جي هائوسنگ سوسائٽي جي نالي ۾ٻڏي ويل پيءُ ۽ ڌيءَ جا لاش سوان پل وٽان هٿ اچي ويا، ملڪ ۾ برساتن سبب وڌيڪ 10 ڄڻا فوت،  فوتين جو انگ 252 ٿي ويو، گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ لينڊ سلائيڊنگ کانپوءِ گم ٿيل ڊاڪٽر مشعال جي ٽن ورهين جي پٽ جو لاش ملي ويو، ڊاڪٽر مشعال ۽ سندس ڏير جا لاش ڪڍي لوڌران روانا ڪيا ويا هئا، هيل تائين 6 لاش ڪڍيا ويا، گم ٿيل ٻين ماڻهن جي ڳولا جاري، چلاس ۽ ديامر ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات، ٿور نالي ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا لڙهي ويا، شاهراهه بابوسر تان ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري، شاهراهه قراقرم بند هجڻ سبب وڏي انگ ۾ سياح ڦاٿل، چڪوال، ڪلرڪهار، تله گنگ، سرگوڌا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات، لاهور جي مختلف علائقن ۾ به وسڪارو

Related posts

Leave the first comment