– ٽيڪس نظام جي بهتري سان عام ماڻهو تي ٽيڪس بار گهٽ ڪرڻ ترجيح آهي، ايف بي آر جي سڌارن سان ٽيڪس نظام جي بهتري خوشيءَ جي ڳالهه آهي، هدف حاصل ڪرڻ هاڪاري آهي پر وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو فيڊرل بورڊ آف روينيو جي جاري سڌارن تي جائزي اجلاس کي خطاب، سڌارن واري عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ۽ سندن تجويزن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو، ايف بي آر جا سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪاروباري، واپاري برادري ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولتن کي نظر ۾ رکيو وڃي




