سنڌ حڪومت صوبي ۾ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار

سنڌ حڪومت صوبي ۾ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار، ٻين صوبن کي به مدد جي آڇ، چوماسي جو وڏو اسپيل آيو ته سنڌ حڪومت منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ آهي، سنڌ حڪومت، پي ڊي ايم اي ۽ انتطاميه جي مشينري تيار آهي، ٻوڏ جي صورتحال ۾ ڪنهن صوبي کي سنڌ جي مدد گهرجي ته هو حاضر آهن، سنڌ حڪومت اڳ به ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏئي چڪي آهي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پريس ڪانفرنس، چوي ٿو موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي پيو، 9مئي جو ماسٽر مائينڊ اڍيالا جيل ۾ بند آهي، 9مئي واقعي جي جوابدارن کي معاف نٿو ڪري سگهجي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ دهشتگردي جي سياست نٿي هلي سگهي، سينيٽ چونڊن بعد پ پ سينيٽ وڏي پارٽي طور اڀري آهي، سنڌ ۾ ون ونڊو آپريشن ذريعي ڪاروبار شروع ڪري سگهجي ٿو، بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل مذمت جوڳو عمل آهي، پ پ چيئرمين واقعي جي مذمت ڪئي

Related posts

Leave the first comment