– سنڌ ڪابينا جِي ذيلي ڪميٽي جو زرعي انڪم ٽيڪس جَي ڊرافٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس، صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار جِي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ روينيو بورڊ بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ زرعي انڪم ٽيڪس 2025 رولز جَي مسودي تي غور ڪري وڌيڪ تجويزون ڏنيون ويون، صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، زرعي انڪم ٽيڪس جَي ڊرافٽ ۾ وڌيڪ بهتري جِي ضرورت آهي، زرعي انڪم ٽيڪس 2025 جَي ڊرافٽ جِي وڌيڪ جاچ پڙتال بعد جلد جامع تجويزن ۽ سفارشن تي ٻڌل مسودو موڪليو وڃي، صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته زرعي انڪم ٽيڪس جَي ٽيڪس ريٽرن فارميٽ کي سولو بڻايو وڃي



