پيپلزپارٽي وفد جي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا ۾ قلات واقعي جَي زخمين جِي عيادت

پيپلزپارٽي وفد جي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا ۾ قلات واقعي جَي زخمين جِي عيادت، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جِي هدايت تي صوبائي وزير ۽ ايم پي اَي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا قلات ويجهو بس تي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت ڪئي، صابري قوال ڪٽنب جي زخمين سان وارثن جِي ملاقات به ڪرائي وئي، وفد زخمين کي عيادت دوران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي، صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ملاقات،  ڪوچ تي فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن جي سار سنڀال، علاج ۽ بين الصوبائي رابطن بابت ڳالهيون، ذوالفقار علي شاهه، بلوچستان حڪومت طرفان زخمين کي بهتر طبي سهولت جي فراهمي تي ٿورا مڃيا، صوبائي وزير چيو ته بلوچستان حڪومت ترت ۽ اثرائتي انداز ۾ متاثرن جي مدد ڪئي، جيڪو واکاڻ جوڳو عمل آهي، بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ڪوچ سانحي جي متاثرن جي مڪمل سار سنڀال يقيني بڻائي پئي وڃي، بزدلاڻا دهشتگردي جا حملا قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن

Related posts

Leave the first comment