Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ٺارو شاهه ڀرسان سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ سبب پاڻي ايس ايم بچاءَ بند کي پائڻ لڳو

ٺارو شاهه ڀرسان سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ سبب پاڻي ايس ايم بچاءَ بند کي پائڻ لڳو، رھواسين جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو، لڏپلاڻ شروع، تازين برساتن بعد سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ سبب ڪوڙي جا ڀاڻ وٽان حفاظتي بند کي پائڻ شروع ڪري ڇڏيو، رھواسي پنھنجي مدد پاڻ تحت بچاءَ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مٽي ۽ پٿر اڇلائڻ لڳا، ڳوٺاڻن ۾ ڳڻتي جي لھر، کيرٿر جي جابلو پٽي تي برساتن بعد نئين گاج وھي آئي، نئين گاج جو وهڪرو ڪاڇي جي يونين ڪاؤنسل ڇني تائين پھچي ويو، ڇني -ٽنڊو رحيم خان روڊ پاڻي ھيٺ، ماڻھن کي ڏکيائيون پيش

Related posts

Leave the first comment