غزه ۾ هڪ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي، عالمي قانون ۽ انساني حقن جي ڀڃڪري جاري آهي، غزا ۾ ترت جنگ بندي جو اعلان ڪري، اسرائيل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو وچ اوڀر جي صورتحال ۽ فلسطين جي مسئلي تي سلامتي ڪائونسل کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته غزه بنيادي ڍانچي جي تباهي ۽ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ سبب انسانيت ۽ عالمي ضمير جو قبرستان بڻجي چڪو آهي، بنادير جي امدادي سامان ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ بيٺو آهي ۽ انهن جي جائز حقن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو


