پاڪ افغان سرحد کان اڳرائي جي ڪوشش ناڪام

– پاڪ افغان سرحد کان اڳرائي جي ڪوشش ناڪام، 5 آپگهاتي بمبار گرفتار، سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز افغان سرحد کان خارجين جي اڳرائي جي ڪوشش ناڪام بڻائي، عزيز خيل ۽ منڊي خيل ۾ خارجين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، فورسز جي موجودگي سبب دهشتگردن بيسي خيل جي مسجد ۾ پناهه ورتي، فورسز مسجد کي ڪڙو چاڙهيو، جنهن بعد خارجين هٿيار ڦٽا ڪيا، گرفتار خارجي افغان شهري آهن، 3 وٽ سڃاڻپ ڪارڊ به آهن، گرفتار دهشتگردن جي عمر 15 کان 18 سال جي وچ ۾ آهي، اختيارين سرحدي علائقن ۾ الرٽ جاري ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

Related posts

Leave the first comment