ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽشنرز ۾ عورت صحافين کي نمائندگي ڏيڻ جو فيصلو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪميشن جي خطن تي جواب نه ڏيندڙ اختيارين خلاف ڪاررواين جي اختيارن لاءِ ڪابينا سان رابطو ڪرڻ جو پڻ فيصلوڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميشن ۾ عورتن کي نمائندگي ڏيڻ لاءِ ترميمي بل صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، سينيئر صوبائي وزير طرفان ڪميشن چيئرمين کي تجويز ڪيل ترميمن جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي هدايت، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو ترميمي بل پاڻ اسيمبلي ۾ پيش ڪندو، صحافين جو تحفظ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪميشن جي قانون تحت صحافين جي لائف انشورنس ۽ پروفيشنل ٽريننگ ميڊيا مالڪن جي ذميواري آهي، سنڌ سرڪار طرفان مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي ميڊيا ادارن ۾ عمل ڪرائڻ لاءِ خط لکيا ويندا


