باني پي ٽي آءِ کي سندس ٻار يا ڀينرون آزادي نٿيون ڏياري سگهن، پي ٽي آءِ باني ٻارن کي سياست ۾ آڻڻ چاهي ٿو، سندس ٻار ضرور پاڪستان اچن، تحريڪ هلائڻ چاهين ٿا ته هلائين پر آزادي پي ٽي آءِ باني تي پاڻ تي ڀاڙي ٿي، باني پي ٽي آءِ جا ٻار قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته ڪو اعتراض ناهي، سندن اچڻ سان ڪو طوفان نه ايندو، ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي جون خانگي ٽي وي سان ڳالهيون، چوي ٿو، آصف زرداري رياست جي سربراهه طور سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، هُو مدبر شخص آهي، هُن حڪومت لاءِ ڪا به ڏکيائي پيدا نه ڪئي، پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي آهي، اسان ڇو اِن نظام کي خراب ڪرڻ چاهينداسين



