ايٽمي توانائي ۾ ايراني مفادن کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو: ولاديمير پيوٽن

اسرائيل جي سلامتي سان گڏ ايراني مفادن کي به يقيني بڻائڻو پوندو: روسي صدر جو بيان

ماسڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته جوهري توانائي ۾ ايراني مفادن کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو.

روسي صدر پيوٽن بيان جاري ڪندي چيو ته ايران جي معاملي تي اسرائيل ۽ ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطي ۾ آهيان.

اسرائيل جي سلامتي سان گڏ ايراني مفادن کي به يقيني بڻائڻو پوندو، پهرين ڳالهه اها ته ايران ۽ اسرائيل کي فيصلو ڪرڻ گهرجي.

200 کان وڌيڪ روسي جوهري ماهر پاور پلانٽ جا ٻه يونٽ ٺاهڻ لاءِ ايران ۾ آهن، اسرائيل طرفان روسي جوهري ماهرن کي نقصان نه پهچائڻ جي يقين ڏياريو.

Related posts

Leave the first comment