سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ سبب عراق، قطر سميت مختلف ملڪن جو فلائيٽ آپريشن متاثر

سعودي ايئرلائن اڄ ۽ 17 جون واريون ايران ۽ عراق ڏانهن سموريون اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون

قطر (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ سبب عراق، قطر سميت مختلف ملڪن جو فلائيٽ آپريشن متاثر.

سعودي ايئرلائن اڄ ۽ 17 جون واريون ايران ۽ عراق ڏانهن سموريون اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون، روس، لبنان، قازقستان، آذربائيجان ۽ ازبڪستان جون اڏامون به ملتوي.

قطر ايئرلائن ايران، عراق ۽ شام لاءِ فلائٽ آپريشن عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو.

يو اي اي جي ايئرلائن جون اسرائيل، ايران ۽ عراق لاءِ اڏامون 20 جون تائين بند رهنديون.

جرمن ايئرلائن به اسرائيل، عراق، ايران، عمان ۽ لبنان لاءِ فلائٽ آپريشن معطل ڪري ڇڏيو.

ترڪ ايئرلائن ايران لاءِ 19 جون تائين اڏامون معطل ڪري ڪيون ويون.

Related posts

Leave the first comment