وفد يورپ جي اهم ٿنڪ ٽينڪس سان ملاقاتون ڪندو ۽ عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو
بيلجيم (انٽرنيشنل ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد اڄ کان بيلجيم ۾ اهم ملاقاتن جي شروعات ڪندو.
ملاقاتن ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن، يورپي ڪميشن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن وارن عملدارن کي ڀارت جي آبي جارحيت ۽ جنگي جنون بابت آگاهي ڏني ويندي.
پاڪستاني وفد يورپ جي اهم ٿنڪ ٽينڪس سان ملاقاتون ڪندو ۽ عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو.
پاڪستاني وفد مودي سرڪار جي پاڪستان مخالف ڪاررواين ۽ ڀارت خلاف پنهنجو موقف پيش ڪندو.




