نين رٿائن لاءِ 183 ارب ۽ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز لاءِ ايس ڊي جيز تحت 45 ارب رپيا رکيا ويندا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نئين مالي سال 26- 2025 جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 503 ارب رپيا رکڻ جي تجويز.
نين رٿائن لاءِ 183 ارب ۽ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز لاءِ ايس ڊي جيز تحت 45 ارب رپيا رکيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊويزنل هيڊڪوارٽر شهرن لاءِ 7 ارب رپين جو خاص ترقياتي پيڪيج رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
تعليم جي شعبي لاءِ ترقياتي بجيٽ 32 ارب مان وڌائي 38 ارب ۽ صحت کاتي جي ترقياتي بجيٽ 18 ارب مان وڌائي 21 ارب ڪرڻ جي تجويز به شامل.
ڪراچي جي نون ميگا منصوبن لاءِ 12 ارب رپيا ۽ ڪراچي جي ميگا منصوبن جي مجموعي بجيٽ وڌائي 21 ارب 14 ڪروڙ ڪئي وئي.
سنڌ حڪومت جي ايندڙ بجيٽ ۾ مڪاني کاتي جي بجيٽ گھٽائي 66 ارب 11 ڪروڙ رپيا ڪرڻ جي تجويز شامل آهي.


