سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان ظاهر

سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ ميداني علائقن ۾ سخت گرم رهندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي.

موسميات کاتي پاران جاري پڌرائي موجب گلگت بلتستان ۾ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ ميداني علائقن ۾ سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي.

گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن پوڻ جي اميد آهي ڏيکاري وئي آهي.

Related posts

Leave the first comment