پاڪستان دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته هڪ خودمختيار ۽ ناقابلِ شڪست قوم آهن: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته يومِ تڪبير پاڪستان جي خودداري، سائنسي ترقي ۽ قومي عزم جو اهڃاڻ آهي.
وڏي وزير چيو ته 28 مئي جو ڏينهن پاڪستان جي خودمختياري، سائنسي ترقي ۽ استقامت جي ياد ڏياري ٿو.
مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايٽمي پروگرام جي بنياد رکي تاريخ سرجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميزائل پروگرام ذريعي ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻايو.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته 28مئي قومي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته هڪ خودمختيار ۽ ناقابلِ شڪست قوم آهن.
هن چيو ته اڄوڪو ڏهاڙو فخر جو ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان پهرين اسلامي ايٽمي طاقتور ملڪ طور دنيا جي سامهون آيو.




