سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

بلاول ڀٽو زرداري عوامي مينڊيٽ سان پاڪستان جو ايندڙ نوجوان وزيراعظم هوندو: آصف علي زرداري

پ پ هميشه ملڪ ۽ جمهوريت جي خاطر قربانيون ڏنيون آهن، پ پ پنجاب ۾ متحرڪ ۽ فعال ٿي وئي آهي: صدر مملڪت

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري عوامي مينڊيٽ سان پاڪستان جو ايندڙ نوجوان وزيراعظم هوندو.

پ پ هميشه ملڪ ۽ جمهوريت جي خاطر قربانيون ڏنيون آهن، پ پ پنجاب ۾ متحرڪ ۽ فعال ٿي وئي آهي.

پاڪستان آهي ته سموريون سياسي جماعتون آهن، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل رهيون.

گورنر هائوس لاهور ۾ صدر آصف علي زرداري سان گورنر پنجاب سردار سليم حيدر جي قيادت ۾ پ پ اٽڪ جي تنظيم ۽ ٽڪيٽ هولڊرز جي ملاقات، صدر کي اٽڪ دوري جي دعوت ڏني وئي.

Related posts

Leave the first comment