ڪانز فلم فيسٽيول: وڪي ليڪس باني ۽ انجلينا جولي جو شهيد فلسطيني ٻارڙن لاءِ نرالو احتجاج

اداڪارا انجلينا جوليءَ پاران شهيد فلسطيني صحافي فاطمه حسونه کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ڪانز سٽي (شوبز ڊيسڪ) ڪانز فلم فيسٽيول ۾ وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج شهيد فلسطيني ٻارن سان همدرديءَ جو نرالو انداز اپنايو.

جولين اسانج 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي بمباري ۽ حملن ۾ شهيد ٿيندڙ 5 هزار ٻارڙن جي نالن جي ٽي شرٽ پائي فلم فيسٽيول ۾ شريڪ ٿيو.

جولين اسانج جي ٽي شرٽ تي STOP ISRAEL جي سِٽ واضح نموني لکيل هئي جيڪا تصوير ۾ پڻ ڏسي سگھجي ٿي.

ٻئي طرف آمريڪي اداڪارا انجلينا جوليءَ به فلم فيسٽيول ۾ شهيد فلسطيني صحافي فاطمه حسونه کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.

انجلينا جوليءَ پنهنجي خطاب ۾ خاص طور تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد ٿيندڙ 23 سالا جڳ مشهور فلسطيني فوٽو گرافر صحافي فاطمه حسونه جو ذڪر ڪيو.

ياد رهي ته ڪانز فلم فيسٽول ۾ چونڊجندڙ دستاويزي فلم ۾ فاطمه حسونه اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ان جي فلم 15 اپريل 2025ع تي ڪانز فلم فيسٽيول لاءِ چونڊي وئي هئي.

ٻئي ڏينهن تي سندس گھر هڪ اسرائيلي حملي ۾ تباهه ٿي ويو هو ۽ هوءَ اسرائيلي هوائي حملي ۾ پنهنجي خاندان جي 9 گھر ڀاتين سميت شهيد ٿي وئي هئي.

Related posts

Leave the first comment