سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

چئمپينز ٽرافي: مان ٻاهر ٿيندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ بنگلاديش سان مقابلو ڪندي

راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) چئمپينز ٽرافي مان ٻاهر ٿيندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ بنگلاديش سان مقابلو ڪندي.

راولپنڊي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٻنهي ٽيمن جي اڄ ايونٽ ۾ آخري ميچ هوندي، ٻئي ٽيمون سيمي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن.

دفاعي چيمپئن هوندي پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ نيوزيلينڊ هٿان هارائي هئي، ٻي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏني هئي.

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم به پنهنجون ٻئي ليگ ميچون هارائي اڳ ئي ٽورنامينٽ جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

Related posts

Leave the first comment