سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باجود ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

عدالت 3 هفتن اندر ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باجود ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار.

عدالت 3 هفتن اندر ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس فيصل ڪمال ۽ جسٽس جواد ايس سروانا تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ۾ درخواست تي ٻڌڻي.

بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته اڃا تائين ارسا ۾ وفاقي جو ميمبر سنڌ مان مقرر ناهي ڪيو ويو.

ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عدالت رمارڪس ڏنا ته ترميم ڀلي ڪيو پر سنڌ جي حقن ۽ عدالتي حڪمن کي به نظر ۾ رکيو وڃي.

وفاقي حڪومت پاڻي بابت سمورا فيصلا صوبن جي مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان ڪري، پاڻي جي فراهمي بابت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment