آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ هٿيارن جي خريداري لاءِ 142 ملين ڊالر جو معاهدو طئي

آمريڪا سعودي کي هڪ درجن کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين جا تيار ڪيل جنگي اوزار ۽ سروسز فراهم ڪندو

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ هٿيارن جي خريداري لاءِ 142 ملين ڊالر جو معاهدو طئي ٿي ويو.

معاهدي تحت آمريڪا سعودي عرب کي هڪ درجن کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين جا تيار ڪيل جنگي اوزار ۽ سروسز فراهم ڪندو.

وائيٽ هائوس موجب معاهدي ۾ اهم سطح جي ٽريننگ ۽ سعودي فوج جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ مدد به شامل آهي.

وائيٽ هائوس ترجمان موجب آمريڪا سعودي سروس اڪيڊميز ۽ ملٽري ميڊيڪل سروس ۾ به اضافو ڪندو.

پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتل صدر ٽرمپ سعودي عرب سان توانائي جي شعبي ۽ معدني ذخيرن بابت هڪ هڪ يادداشتن تي به صحيحون ڪيون.

Related posts

Leave the first comment