پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جا جهاز ڪٿي ڪٿي ڪري تباهه ٿيا؟

پاڪستاني جوابي ڪارروائي دوران ڀارت جي مختلف علائقن ۾ جهاز ڪري تباهه ٿيا، جهازن جا پائلٽ زخمي يا گم ٿيا

اسلام آباد (نيشنل ديسڪ) پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جا جهاز ڪٿي ڪٿي ڪري تباهه ٿيا؟ تفصيل سامهون اچي ويا.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي جهاز مختلف علائقن ۾ ڪري تباهه ٿيا، تباهه ٿيل جهازن جا پائلٽ زخمي يا لاپتا به ٿيا.

اننت ناگ واري علائقي ۾ تباهه ٿيل ڀارتي جهاز جي پائلٽ جي فوت ٿيڻ جو به خدشو، ڀارت جو ٻيو جهاز پامپور يا پلواما جي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو، جنهن جو پائلٽ سخت زخمي ٿيو.

ڀارت جو ٽيون جهاز رام بن، چوٿون جهاز اکنور ۽ پنجون جهاز ڀٽنڊا ۾ ڪري تباهه ٿيو، سڀني جهازن جا پائلٽ سخت زخمي ٿيا.

Related posts

Leave the first comment