وزيراعظم شهباز شريف سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد جي ملاقات

وفد ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ ٻيا شامل

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد جي ملاقات، ملڪي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون.

پ پ چيئرمين سان گڏ وفد ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ ٻيا شامل.

پيپلزپارٽي جي وفد پاران ڀارتي جنگي جنون آڏو وفاقي حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ، هاڻوڪي صورتحال ۽ حڪومت جي سفارتي ڪوششن جي به واکاڻ.

پ پ وفد چيو ته پيپلز پارٽي سميت سموريون پارٽيون ملڪي دفاع لاءِ متحد آهن، ملڪي دفاع لاءِ قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي.

Related posts

Leave the first comment