سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پاڪستان جو سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي کي گڏيل قومن ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان

پاڪستان ڀارت پاران سنڌو طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويندو:وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان جو سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي کي گڏيل قومن ۾ کڻي وڃڻ جو اعلان.

وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت پاران سنڌو طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويندو.

پاڻي روڪڻ ڪو آسان ڪم ناهي، اهو تڪڙو نٿو ڪري سگهجي. ڀارت بي بنياد ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا ذريعي سنڌو طاس معاهدي کي معطل ڪيو.

هن چيو ته اسان جي بياني کي دنيا ڀر ۾ حمايت ملي رهي آهي، اسان جون سفارتي ڪوششون جاري آهن.

Related posts

Leave the first comment