پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن: آمريڪا

آمريڪي پرڏيهي وزير جي شهباز شريف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير کي ٽيليفون،  صبر کان ڪم وٺڻ جي تلقين

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن.

آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس موجب مارڪو روبيو چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي جاچ ۾ سهڪار ڪري.

تيمي بروس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي اڳواڻن عزم ورجايو ته دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.

Related posts

Leave the first comment