Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاهدو ٿي چُڪو ته صوبن جي مرضي کان سواءِ ڪئنال نه ٺهندا: بلاول ڀٽو زرداري

سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنال منصوبو رد ٿيندو، سنڌ جي عوام جي مدد سان پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب وياسين: جلسي کي خطاب

سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاهدو ٿي چُڪو آهي، طئي ٿي ويو آهي ته صوبن جي مرضي کان سواءِ ڪو ڪئنال نه ٺهندو.

سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنال منصوبي کي رد ڪيو ويندو، سنڌ جي عوام جي مدد سان اسان پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سکر ۾ جشن سنڌو جي عنوان سان منعقد جلسي کي خطاب.

هن ڀارتي وزيراعظم کي للڪاريندي چيو ته مودي ٻڌي ڇڏ ته سنڌو اسان جو آهي، سنڌو ۾ يا ته اسان جو پاڻي وهندو يا توهان جو رت، اسان سنڌو درياهه جا محافظ ۽ وارث آهيون.

Related posts

Leave the first comment