سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران ڪور هيڊڪوارٽر پشاور جو دورو

سيد عاصم منير کي سڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشنز تي بريفنگ ڏني وئي

پشاور (نيشنل ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران ڪور هيڊڪوارٽر پشاور جو دورو، کيس سڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف آپريشنز تي بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل بنون گيريزن واقعي واري شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ۽ سي ايم ايڇ ۾ زخمين جي عيادت ڪئي.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سڪيورٽي فورسز جي بهادري، حوصلي، جرئت ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي.

فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متحد آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردن جي سهولتڪارن ۽ مددگارن کي بخش نه ڪيو ويندو، هر بيگناهه پاڪستاني جي خون جو بدلو ورتو ويندو.

Related posts

Leave the first comment