Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪوئيٽا: بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏي ويجھو ڌماڪو، 4 اهلڪارشهيد، 3 زخمي

مارگٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏيءَ ويجھو بم ڌماڪيو ٿيو

ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏيءَ ويجھو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

نيوز ايجنسيءَ موجب ڪوئيٽا جي علائقي مارگٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏيءَ ويجھو بم ڌماڪيو ٿيو، نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي کي به طلب ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment