تڪراري ڪئنال معاملو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير اسلام آباد لاءِ روانا

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪندو: ذريعا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن واري معاملي تي اهم اڳڀرائي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه اسلام آباد لاءِ روانا ٿي ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملاقات دوران سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

Related posts

Leave the first comment