Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سيٺارجا پوليس جِي ڪارروائي، ننڍي ڄمار ۾ شادي ڪندڙ جوڙي ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي سميت 6 ڄڻا گرفتار

سيٺارجا پوليس عثمان آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ننڍي ڄمار ۾ نڪاح ڪندڙ نينگر، ڪنوار ۽ نڪاح پڙهائيندڙ کي گرفتار ڪيو

سيٺارجا (ويب ڊيسڪ) سيٺارجا پوليس جِي ڪارروائي، ننڍي ڄمار ۾ شادي ڪندڙ جوڙي ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي سميت 6 ڄڻا گرفتار، چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل.

سيٺارجا پوليس عثمان آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ننڍي ڄمار ۾ نڪاح ڪندڙ 14 ورهين جَي نينگر ذيشان لُنڊ، سندس ڪنوار 14 سالن جِي دلڪش لُنڊ، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي عابد سعيدي سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

سيٺارجا ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل، 8 ڄڻا جوابدار طور نامزد ڪيا ويا.

Related posts

Leave the first comment