فيض گنج ڀرسان ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 نوجوان فوت

ڪرونڊي ڊگري ڪاليج وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويو

فيض گنج (ويب ڊيسڪ) فيض گنج ڀرسان ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 نوجوان فوت ٿي ويا.

ڪرونڊي ڊگري ڪاليج وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي ويو، حادثي ۾ ڳوٺ محمد عاقل شر واسي 2 نوجوان فوت فوت ٿي ويا.

حادثي کان پوءِ فوتي نوجوانن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، فوتين مان هڪ نوجوان جي سڃاڻپ سعيد علي شر طور ٿي.

Related posts

Leave the first comment