ڪراچي ۾ روڊ حادثن تي ضابطن لاءِ ڳرا ڏنڊ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

سينٽرل پوليس آفيس ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٽريفڪ قانون ۾ سڌارن بابت اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ روڊ حادثن تي ضابطن لاءِ ڳرا ڏنڊ مقرر ڪرڻ جو فيصلو.

سينٽرل پوليس آفيس ۾ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٽريفڪ قانون ۾ سڌارن بابت اجلاس.

اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري ايڪسائيز، سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ٻين جي شرڪت.

چيف سيڪريٽري سنڌ جو ترجمان موجب اجلاس ۾ ٽريفڪ سڌارن بابت موٽر وهيڪلز آرڊيننس 1965 ۾ مختلف ترميمن جي منظوري ڏني وئي.

چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو آهي ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ سميت گاڏيون ضبط ڪيون وينديون.

Related posts

Leave the first comment