سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪنڌڪوٽ: مهينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن جو انڊس هاءِ تي ڌرڻو

ارشد گولي جي اغوا کي مهينو گذري ويو آهي پر پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائي ناهي سگهي: وارث

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ مهينو اڳ اغوا ٿيل نوجوان ارشدگولو جي وارثن پاران انڊس هاءِ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽائرن کي باهه.

احتجاج ڪندڙ مغوي جي ورثن جو چوڻ آهي ته هڪ مهينو گذري ويو آهي پر پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائي ناهي سگهي.

مغوي نوجوان ارشد گولو جي وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي نوجوان کي ترت بازياب ڪرائي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Related posts

Leave the first comment