سوڀو ديرو: سڳيون روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ اٺ گاڏي ۾ ٽڪر، ٻه نوجوان فوت

حادثي ۾ ڳوٺ عرضي ڀٽو جا رهواسي غلام عباس ڀٽي ۽ آصف ڀٽي موقعي تي فوت ٿي ويا

سوڀوديرو (ويب ڊيسڪ) سوڀو ديرو ڀرسان سڳيون روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ اٺ گاڏي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ ڳوٺ عرضي ڀٽو جا رهواسي غلام عباس ڀٽي ۽ آصف ڀٽي موقعي تي فوت ٿي ويا.

سندن مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

ٻئي طرف صالح پٽ ڀرسان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان شهزاد علي چاڪراڻي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

Related posts

Leave the first comment