سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن، شهيدن جو احترام هر پاڪستاني لاءِ مقدس آهي: آرمي چيف

جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي مان ۾ آجياڻي واري تقريب ٿي گذري

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن، شهيدن جو احترام هر پاڪستاني لاءِ مقدس آهي.

جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي مان ۾ آجياڻي واري تقريب ٿي، تقريب ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ اعزاز وصول ڪندڙن جي وارثن شرڪت ڪئي.

تقريب دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير آفيسرن ۽ جوانن کي پيشيوراڻي خدمتن عيوض اعزازن سان نوازيو.

آءِ ايس پي آر موجب آفيسرن ۽ جوانن کي ستارا امتياز ملٽري ۽ تمغه بسالت سان نوازيو ويو، شهيدن جا اعزاز سندن وارثن وصول ڪيا.

Related posts

Leave the first comment