ٽنڊوالھيار ويجھو ڪار جو 2 موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، ھڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي

ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري موٽر سائيڪلن سان ٽڪرائجي وئي

ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) ٽنڊوالھيار ويجھو ڪار جو 2 موٽرسائيڪلن کي ٽڪر جي نتيجي ۾  ھڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا.

حيدرآباد روڊ وٽ حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان ڪامران ملڪ موقعي تي فوت ٿي ويو، نعيم ۽ اميد علي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آھي ته ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو آھي.

Related posts

Leave the first comment