ڪنري: ڳوٺ شاھي خان رند ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي بيهوش

زهريلي ماني کائڻ بعد هڪ ئي گهر جي عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا بيهوش ٿي ويا

ڪنري (ويب ڊيسڪ) ڪنري ڀرسان ڳوٺ شاھي خان رند ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي بيهوش، اسپتال منتقل.

وارثن موجب ماني کائڻ بعد هڪ ئي گهر جي عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻن کي بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا ۽ الٽيون اچڻ شروع ٿي ويون.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زهريلو کاڌو کائڻ سبب گهرڀاتين جي طبيعت خراب ٿي، فوري طبي امداد بعد سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي.

Related posts

Leave the first comment