سلامتي ڪائونسل کي غزا ۾ اسرائيلي اڳرائيءَ خلاف فيصلائتو قدم کڻڻو پوندو: پاڪستان

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سلامتي ڪائونسل کي غزا ۾ اسرائيلي اڳرائيءَ خلاف فيصلائتو قدم کڻڻو پوندو.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشي کي اولهه ڪناري تائين پکيڙي ڇڏيو آهي.

اسرائيلي ناڪابندي سبب غزه جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي بک جو شڪار آهي.

اسرائيل غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ فوري طور تي فوجي ڪارروائي بند ڪري ۽ مستقل جنگ بندي قائم ڪري.

Related posts

Leave the first comment