سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ملڪ ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ملڪ ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جنهن بعد ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي.

 آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جاري آهي.

پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ تيز برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي.             

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو به سلسلو جاري آهي.

زيارت، توبا اچڪزئي، توبه ڪاڪڙي جي مٿانهن علائقن ۾ برفباري، لوئر، دير، اسڪرو، باجوڙ ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات، رستن پاڻي بيهجي ويو.

Related posts

Leave the first comment