سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

قومي سلامتيءَ جي پارلياماني ڪاميٽيءَ جو اجلاس شروع، وزيراعظم آرمي چيف سميت اهم شخيصتون شريڪ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي سلامتيءَ جي ڪاميٽيءَ جو اجلاس شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت اهم سياسي ۽ فوجي قيادت شريڪ آهي.

قومي اسيمبليءَ ۾ ٿيندر قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي اجلاس جي باقاعدي شروعات ٿي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ عاصم ملڪ سميت اهم سياسي ۽ فوجي قيادت شريڪ آهي.

تحريڪ انصاف جا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ناهن ٿيا پر ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور اجلاس ۾ پنهنجي صوبي جي نمائندگي ڪري پيو، جڏهن ته وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي به اجلاس ۾ شريڪ آهن.

گورنر بلوچستان ۽ گورنر ڪي پي، چئني صوبن جا آءِ جي پوليس به قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ آهن.

پيپلز پارٽيءَ جي 16 پارليامينٽ ميمبر بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ اجلاس ۾ شريڪ آهن ۽ ايم ڪيو ايم جا 4 اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ اجلاس ۾ شريڪ آهن، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان به اجلاس ۾ شريڪ آهي.

Related posts

Leave the first comment