Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي ۾ لاٿ اچڻ لڳي، پاڻي جي کوٽ 70 سيڪڙو تي پھچي وئي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي ۾ لاٿ اچڻ لڳي، پاڻي جي کوٽ 70 سيڪڙو تي پھچي وئي، ريڊ الرٽ جاري ٿيڻ جو خدشو.

ٺٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران وڌي ويو، واھن ۽ شاخن مان واري اڏامڻ لڳي، آبپاشي کاتي آبادگارن کي ٻن مھينن تائين ڪا به پوکي نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

ٺٽي جي علائقي ۽ ان جي آسپاس ساريالو ۽ وونئڻن جي پوکي به خطري ۾ پئجي وئي آهي.

Related posts

Leave the first comment