سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

هلندڙ پرچا رمضان بعد ڪرايو: نوابشاهه جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ڇڪتاڻ

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه جي شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ڇڪتاڻ، شاگردن طرفان هلندڙ پرچا روڪي رمضان بعد ڪرائڻ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي.

شاگردن ڪئمپس جي مک دروازي کي تالا لڳائي ڇڏيا، احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ شاگردن ۾ چڪريون.

رجسٽرار جو چوڻ آهي ته تعليمي ماحول خراب ڪرڻ تي 14 شاگردن جي يونيورسٽي ۾ داخلا ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. يونيورسٽيءَ جي انتظاميه پاران معطل ڪيل شاگرد تعليم سميت ڪنهن به سرگرمي ۾ حصو نٿا وٺي سگهن.

Related posts

Leave the first comment