سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

راڻيپور ڀرسان واطڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو. هڪ ڄڻو مارجي ويو

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) راڻيپور ڀرسان واطڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو. هڪ ڄڻو مارجي ويو.

فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ملوڪ واطڻي ٿڏي تي مارجي ويو، مقتول جي وارثن جو قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو.

وارثن جو چوڻ آهي ته جيستائين قتل جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيندي تيستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، جلد ملوث جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

Related posts

Leave the first comment