سنڌ ۾ ساڍا 3 هزار ويڪسينٽرز ۽ ميڊيڪل ٽيڪنيڪل اسٽاف ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت جي شعبي ۾ ساڍا 3 هزار ويڪسينٽرز ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو.

سول اسپتال ڪراچي ۾ نئون ميڊيڪل ۽ سرجري ٽاور ٺاهڻ جي هدايت، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صحت کاتي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.

125 نوان اسڪريننگ يونٽس ضلعي هيڊڪوارٽرز، تعلقي اسپتالن ۽ ٻهراڙي صحت مرڪزن ۾ قائم ڪيا ويندا.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جتي به ضرورت آهي، اتي وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي.

Related posts

Leave the first comment