سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

حڪومتي دعوائن باوجود ايڪسپورٽ ۾ 17 ڏهائي 35 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومتي دعوائن باوجود ايڪسپورٽ ۾ 17 ڏهائي 35 سيڪڙو گهٽتائي.

ڳڻپ کاتي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته فيبروري دوران واپاري خسارو وڌي 2 ارب 30 ڪروڙ ٿي ويو آهي.

سالياني بنياد تي به فيبروري ۾ 5 ڏهائي 57 سيڪڙو گهٽتائي آئي، گذريل مهيني ايڪسپورٽ جو ڪاٿو 2 ارب 43 ڪروڙ 90 لک ڊالر رهيو.

جڏهن ته جنوري ۾ ملڪي ايڪسپورٽ 2 ارب 95 ڪروڙ 10 لک ڊالر هئي.

گذريل سال فيبروري ۾ ايڪسپورٽ جو ڪاٿو 2 ڪروڙ 58 لک 30 هزار ڊالر هو.

هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن دوران ايڪسپورٽ 8 ڏهائي 17 سيڪڙو رهي.

Related posts

Leave the first comment